دئاپُر يُگ

دئاپُر يُگ: هندو ڪئلينڊر مطابق هي ڪائنات چئن دؤرن/ يُگن: ست يُگ، تريتا يُگ، دُئاپر يگ ۽ ڪل يُگ تي مشتمل آهي. جن مان ٽي گذري چڪا آهن، جڏهن ته آخري يعني ڪل يُگ هلي رهيو آهي. دُئاپر يُگ جي عمر 864,000 سال ڄاڻائي وئي آهي. هن يُگ ۾ سناتن ڌرم موجب وشنو ڀڳوان ٻه اوتار ورتا هئا. انهن جو ذڪر رگ ويد منڊل ستين سوڪت 95 رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي. هندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ دئاپر يُگ ۾ انسان جي سراسري عمر 1000 سال ڄاڻائي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو